پاڪستان نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڇا ڪيو آهي؟: يورپي يونين

ڪراچي: يورپي يونين پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، يورپي يونين (اي يو) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازي مذهبي انتهاپسندي ۽ عدم برداشت تي ڳڻتي آهي

يورپي يونين پنهنجي بيان ۾ پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي ۽ پريس جي آزادي تي پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جبري گمشدگيون، تشدد ۽ انصاف تائين پهچ ۾ رڪاوٽون ناقابل قبول آهن

يورپي يونين سوال اٿاريو ته پاڪستان حڪومت نفرت پکيڙڻ وارن خلاف ڪهڙا قدم کنيا آهن؟

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن مئنيجر پريانٿا ڪمارا کي فيڪٽري جي ملازمن مذهبي پوسٽر لاهڻ جو الزام مڙهي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو