چنڊ گرهڻ شروع، پاڪستان سوڌو مختلف ملڪن ۾ ڏسي سگهبو: موسميات کاتو

ڪراچي: موسميات کاتي موجب هلندڙ سال جي ٻي چنڊ گرهڻ لڳي ويو آھي، جيڪو پاڪستان سوڌو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڏسي سگهبو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چنڊ گرهڻ کي ٿيندو

جزوي چنڊ گرهڻ جو نظارو پاڪستان، اتر، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا، يورپ ۽ ٻين حصن ۾ ڏسي سگهجي ٿو، ايشيا ۽ يورپ جي گهڻن حصن اتر ۽ اوهه آفريڪا ۾ به چنڊ گرهڻ ڏسي سگهبو، چنڊ گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب صبح 11لڳي 2منٽن تي ٿيو ۽ چنڊ کي جزوي گرهڻ 12لڳي 19منٽن تي لڳندو، جزوي چنڊ گرهڻ جي پڄاڻي منجهند 3لڳي 47منٽن تي ٿيندو ۽ چنڊ گرهڻ جو مڪمل اختتام 5لڳي 4منٽن تي ٿيندو، هيءَ چنڊ گرهڻ گذريل هڪ هزار سال کان ڊگهي چنڊ گرهڻ هوندو