سموري ملڪ ۾ گرمي جي لهر جاري، موسميات کاتي ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  موسميات کاتي ملڪ جي ميداني علائقن ۾ اڄ سخت گرمي جي لهر جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب موجب، سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۾ گرمي پد 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهندو. جڏهن ته مٿانهين علائقن ۾ گرمي پد 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي.

ٻئي طرف بلوچستان جي ڪجهه هنڌن، ڪشمير ۽ لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ شام يا رات جو ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اڄ سڀني کان وڌيڪ گرمي سبي، دادو، ڊيره غازي خان، بهاوالپور ۾ پوڻ جو امڪان آهي. سبي ۾ گرمي پد 52، دادو، ڊيره غازي خان ۾ 51، بهاولپور 50، سکر 49، ملتان، سرگودها ۾ 48، نوابشاهه، پشاور، ڊيره اسماعيل خان ۾ گرمي پد 48 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.

انهي کان علاوه ساهيوال، نوڪنڊي ۾ 47، تربت ۾ 46، فيصل آباد، لاهور، 45، حيدرآباد 44، راولپنڊي 43، اسلام آباد 42، ڪوئٽه 41 ۽ ڪراچي ۾ گرمي پد 36 ڊگري رهندو.