اسلام آباد: ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ کان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي اڄ کان 23 جون دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن سبب گرميءَ جو زور ٽٽڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 20 کان 23 جون دوران چوماسي هوائن سبب برساتن جو امڪان آهي، اوڀر بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي.
21 جون کان 23 جون دوران گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 22 کان 23 جون دوران سنڌ جي مخلتف حصن ۾ به برسات ٿي سگهي ٿي.
برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ هيٺين علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.