ڪراچي : ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي ۽ تيز هوائون به هلڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي جي هوا ۾ نمي 75 سيڪڙو آهي. موسميات کاتي موجب، شهر ۾ سامونڊي هوائون 24 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.موسميات کاتي اهو به چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.