ڪراچي: ڪراچي ۾ اڄ هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ ڪٿي ڪٿي مينهن پوڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم نم ۽ جزوي طور تي ڪڪر واري رهندي.موسميات کاتي چيو ته ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب، شهر جي هوا ۾ نمي 73 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي چيو ته ڪراچي ۾ اتر اولهه کان 3 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گرم هوائون هلي رهيون آهن.موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.