سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمين تي اڏيل تجوري هائيٽس کي ڊاهڻ لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمين تي اڏيل تجوري هائيٽس کي ڊاهڻ لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ تجوري هائيٽس بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران بلڊر جو وڪيل رضا رباني پيش ٿيو

 چيف جسٽس گلزار احمد وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته تجوري هائيٽس ڊاهڻ لاءِ 2 هفتن جي مهلت ڏيون ٿا، جنهن تي رضا رباني چيو ته 2 هفتن جو وقت تمام گهٽ آهي، عدالت وڪيل جي استدعا تي تجوري هائيٽس کي ڊاهڻ لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي آھي

عدالت طرفان متاثرن کي ٽن مهينن ۾ پئسا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪمشنر ڪراچي عمارت ڊاهڻ واري عمل جي نگراني ڪري، سمورو رڪارڊ درخواستگذار حوالي ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي