پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار نيب ترميمي آرڊيننس کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار نيب ترميمي آرڊيننس کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو، صدارتي آرڊيننس تي مايوسي ظاهر ڪئي وئي آھي. پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته صدارتي آرڊيننس سان نيب قانون ۾ تبديلي پارليامينٽ کي گهٽ ڏيکارڻ برابر آهي، ڪنهن خاص شخص لاءِ ترميم طئه ٿيل قانون جي ڀڃڪڙي آهي.