هارين کي چانور، ڪپهه ۽ ڀاڻ ۾ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو،”پيپلز هاري ڪارڊ“ جاري ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ٿي گذريو.
اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي شيرين ناريجو ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ زراعت بابت وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت خريف جي فصل 2021 ۾ هارين کي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته چانور ۽ ڪپهه لاءِ ڀاڻ (BAP) 1500 رپيا في ايڪڙ جي حساب ڏنو ويندو جنهن ۾ وفاقي حڪومت جو حصو 75 سيڪڙو يعني 2.7 ارب رپيا ۽ صوبائي حڪومت جو حصو 25 سيڪڙو يعني 902 ملين روپيا آهي. ساڳي ريت ڪپهه ۽ چانورن جي ٻج تي 1200 روپيا في ايڪڙ ۽ وائيٽ فلائي ڪنٽرول لاءِ 1200 روپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا.
منظور وساڻ چيو ته بورڊ آف روينيو (BOR) هارين جو ڊيٽا گڏ ڪيو آهي ۽ هارين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي – 1 کان 16 ايڪڙ ۽ 16 کان 50 ايڪڙ. هن چيو ته سنڌ بئنڪ هڪ اي– ڪارڊ ٺاهيو آهي ۽ سبسڊي لاءِ مقرر ڪيل شاخن جي فهرست پيش ڪئي آهي.
هن تجويز ڏني ته اي –ڪارڊ جو نالو ”پيپلز هاري ڪارڊ“ رکيو وڃي جنهن کي ڪابينا منظور ڪري ورتو.