پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاهه چاڙهه رڪارڊ

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي جي ٽئين ڏينهن 100 انڊيڪس ۾ لاهه چاڙهه نظر اچي رهي آهي. واپاري سيشن دوران اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس ۾ 209 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ 100 انڊيڪس 148,644 پوائنٽس تي پهچي ويو. اڄ تائين واپاري سيشن دوران، بينچ مارڪ 100 انڊيڪس پڻ 149,237 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.