سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافو، تربيلا ڊيم جا اسپل ويز کولڻ جو فيصلو

ڪراچي: سانوڻي جي تيز برساتن سبب سنڌو درياءَ جي پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافو ٿيڻ سبب تربيلا ڊيم جا اسپل ويز کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اين ڊي ايم اي موجب اڄ ڏينهن  جو 12:30 وڳي تربيلا ڊيم جا اسپل ويز کوليا ويندا جنهن سبب پاڻي جا وهڪرا 2 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

سنڌو درياءَ جي وهڪرن ۾ امڪاني اضافي کي نظر ۾ رکندي ڀرپاسي جي علائقن جي رهواسين کي آبي گذرگاهن جي ڀرسان وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اين ڊي ايم اي پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي سبب لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هيٺاهين وارن علائقن جا رهواسي محتاط رهن ۽ مقامي انتظاميه سان مڪمل طور تي تعاون ڪن.

Increase in water flows in Indus River