اسلام آباد : پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ۽ ناڻي واري وزارت نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ گاسليٽ يعني مٽيءَ جي تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت پراڻي شرح تي برقرار آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 269.99 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت 264.61 رپيا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مٽيءَ جي تيل ۾ 1.46 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ مٽيءَ جي تيل جي قيمت 176.81 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.