سنڌ ۽ بلوچستان جا سي اين جي اسٽيشن چئن ڏينهن لاءِ بند

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سي اين جي اسٽيشن کي 4 ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. سوئي سدرن گيس ڪمپني سنڌ ۽ بلوچستان جي سي اين جي اسٽيشن کي سومر13 کان خميس 16 سيپٽمبر تائين گيس جي فراهمي بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.ايس ايس جي سي ترجمان موجب اينگرو ٽرمينل تي ايف ايس آر او جي تبديلي سبب 13 کان 16 سيپٽمبر جي وچ ڌاري ڊرائي ڊاڪنگ سبب سوئي سدرن گيس ڪمپني جي سسٽم ۾ آر ايل اين جي ۾ 150 کان 75 ايم ايم سي ايف ڊي گهٽتائي ايندي ۽ گهٽ پريشر سبب سوئي سدرن کي گهريلو صارفين ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي طلب پوري ڪرڻ ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو. ان ڪري صارفين جي طلب پوري ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي سمورن سي اين جي اسٽيشنن کي 13 سيپٽمبر سومر کان 16 سيپٽمبر خميس چئن ڏينهن جي لاءِ گيس جي فراهمي معطل رهندي.ترجمان ايس ايس جي سي چيو ته سي اين جي اسٽيشن کي گيس جي فراهمي آچر جي رات 12 وڳي کان بند رهندي ۽ سمورين سي اين جي اسٽيشن کي 17 سيپٽمبر جمعي جي ڏينهن کان گيس جي فراهمي بحال ڪئي ويندي.