اداڪار فيروز خان جو پاڻ بابت انوکو انڪشاف

اداڪار فيروز خان جو شمار سٺن اداڪارن ۾ ٿيندو آهي هو هن وقت تائين ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.
شوبز ستارا مختلف موضوعن جي ڪري خبرن جي رونق بڻبا رهندا آهن انهن جي زندگي عام ماڻهو جي زندگي کان مختلف هوندي آهي ڇو ته انهن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي مداحن جو به خيال ڪرڻو پوندو آهي.
شوبز ستارن جا مداح ئي انهن جو سرمايو هوندا آهن، اهي ڪڏهن به ناهن چاهيندا ته ڪنهن به سببن سبب انهن جو مقام مداحن ۾ گهٽجي يا انتي ڪو اثر پوي.
اداڪار فيروز خان ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڪجهه وقت اڳ ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي هئي جيڪا اميدن جي ابتڙ ثابت ٿي.
اداڪار هڪ شو ۾ مزاحيا انداز ۾ پنهنجي ڪاسميٽڪ سرجري بابت ٻڌائيندي چيو ته مونکي پاڻي ۾ اندر هڪ سين جي شوٽنگ ڪرائڻي هئي جنهن جي ڪري پنهنجو وزن گهٽايو هو ۽ منهنجي ورزش ڪرڻ جو معمول ڏاڍو ڏکيو هو.
هن ٻڌايو ته شوٽنگ جي لاءِ جڏهن گهڻو ڪم ڪرڻ کانپوءِ منهنجو وزن به گهٽجي ويو جنهن جي ڪري منهنجو چهرو به گهڻو متاثر ٿيو ۽ چهري جا ڳَل سنگڙجي ويا هئا.
اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته پنهنجي ڳلن جي حالت ڏسي ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
فيروز خان ڪاسميٽڪ سرجري جي غير امڪاني اثرن کي مڃيندي چيو ته سرجري کانپوءِ ئي احساس ٿيو ته ڳلن جي سرجري ڪرائڻ جو فيصلو غلط هو.
هن پنهنجي غلط فيصلي کي کِلندي چيو ته جڏهن مان پنهنجو پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو ته فوري تي پنهنجي چهري تي لڳل فلرز کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سرجري کانپوءِ هو تصويرن ۾ به عجيب ۽ ٿُلهو ماڻهو نظر اچي رهيو هو.