…راکي ساونت حجاب پهري جم پهچي وئي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت جي پردو ڪري جم اچڻ جون وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن. راکي ساونت تڪرارن سبب مشهور آهي ۽ روز پنهنجي بيانن ۽ حرڪتن جي ڪري خبرن ۾ رهندي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ته اداڪارا جون وڊيو سامهون آيون هيون جن ۾ هو حجاب ۽ عبايا پائي گهمندي نظر آئي هئي. راکي حجاب مٿي تي ڪري جم به پهتي هئي، جتان هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حجاب دوست تحفي ۾ ڏنو هو ۽ اهو پائي جم آئي آهيان، جم جا ڪپڙا پاتا آهن ته ان جي مٿان عبايا پائي گهران نڪتي آهيان.