افغانستان ۾ آمريڪي ڊرون حملو: ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪي جي منصوبي ساز کي مارڻ جي دعويٰ

ڪابل: آمريڪا افغانستان ۾ ڊرون حملو ڪري ڪابل ايئرپورٽ بم ڌماڪن جو امڪاني منصوبو تيار ڪندڙ کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي ڊرون جهازن افغان صوبي ننگرهار ۾ هڪ هلندڙ گاڏي مٿان ڊرون حملو ڪيو آهي. گاڏي ۾ 2 ماڻهو سوار هئا جن مان هڪ امڪاني طور تي ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جو ماسٽر مائنڊ جڏهن ته ٻيو ان جو دوست هو حملي ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا آهن.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪيپٽن بل ارين افغانستان ۾ ڪيل ڊرون حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته شروعاتي شاهدين مان خبر پئي ٿي ته اسان حدف ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. پر هنن اهو ناهي ٻڌايو ته حملي ۾ حدف جو تعلق ڪابل ايئرپوٽ تي حملن سان هو.

واضح رهي ته 26 آگسٽ تي ڪابل ايئرپورٽ تي خودڪش بم ڌماڪي ۾ 13 آمريڪي فوجين کان علاوه 70 کان وڌيڪ افغان شهري مارجي ويا هئا. آمريڪا پنهنجي شهرين کي ڪابل ايئرپورٽ جي دروازن کان پري رهڻ جي وارننگ جاري ڪئي آهي.