راکي ساونت پٺيان ڪتا پئجي ويا، وڊيو وائرل

ممبئي : ڀارتي اداڪاره راکي ساونت جي پويان ڪتا پئجي ويا، انسٽاگرام تي اداڪاره راکي ساونت طرفان وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ کيس ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس ۽ ٽي ٽي هائوس ويندي ڏسي سگهجي ٿو، وڊيو ۾ راکي ساونت کي پيچ ڪلر جي پرن جهڙي سليوليس ميڪسي هٿن ۾ کڻندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ان دوران اداڪاره جي پويان ڪتا به نظر اچي رهيا آهن. وڊيو پوسٽ جي ڪئپشن ۾ راکي ساونت لکيو ته جڏهن مان بگ باس جي او ٽي ٽي هائوس ۾ انٽري لاءِ وڃي رهي هيس ان وقت منهنجي پويان ڪتا پئجي ويا، پوسٽ تي مداحن طرفان دلچسپ تبصره به ڪيا پيا وڃن.