گمس اسپتال ۾ ٻن معصوم ٻارن جي جيري جي پيوندڪاري جو ڪامياب آپريشن

گمبٽ: گمس اسپتال ۾ ٻن معصوم ٻارن جي جيري جي پيوندڪاري جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. ڊاڪٽر عبدالوهاب ڊوگر موجب ڪراچي واسي چئن سالن جي معاويا ۽ اوڪاڙا واسي پندرنهن مهينن جي ذيشان کي سندس پنهنجين مائرن جگر عطيو ڪيو جنهن سبب ٻنهي ٻارن جي حياتي بچي وئي آھي.پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو معصوم ٻارن جو جيري جي پيوندڪاري جو آپريشن ٿيوآهي، ٻنهي ٻارن جا آپريشن ٿيڻ بعد ٻارن ۽ سندس مائرن جي صحت بهتر آهي. گمس سربراه موجب سنڌ حڪومت جي مددسان گمبٽ گمس ۾ مفت آپريشن ڪيا ويا آهن، عام طور تي جيري جي پيوندڪاري جي هڪ آپريشن تي 50 لک تائين خرچ اچي ٿو.