شلپا شيٽي کي ڪلين چٽ ملي وئي

ممبئي: ڀارت فلاحي اداري جي سربراهه ڪِرن باوا پنهنجي سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته شلپا شيٽِي ۽ سندس ماءُ جو هن جي اداري سان ڪو به واسطو نه آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ سامهون آئي هئي ته شلپا شيٽي ۽ سندس ماءُ سنندا شيٽي فلاحي اداري جي نئين برانچ کولڻ لاءِ ٻن ڄڻن کان ڪروڙين رپيا وٺي اها برانچ نه کولي.
پر هاڻ ڪرن باوا چيو آهي ته آن لائين گردش ڪندڙ خبرون ڪوڙيون آهن.
اداري جي چيئرپرسن ڪرن باوا سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شلپا شيٽي ۽ سندس ماءُ جو اداري سان ڪو به واسطو نه آهي جڏهن ته ڀارتي نيوز چينل ۽ سوشل ميڊيا تصديق کان سواءِ خبرون ڦهلائي رهيا آهن.
ڪرن باوا واضح ڪيو ته شلپا ۽ سندس ماءُ ماضي ۾ هنن جي اداري سان سلهاڙيل هيون پر ڪجهه عرصو اڳ هنن اداري کان خوشگوار طريقي عليحدگي اختيار ڪئي هئي.
اداري جي چيئر پرسن جو چوڻ هو ته ڄاڻايل مواد منهنجي ۽ منهنجي برانڊ جي ساک کي نقصان رسائي رهوي آهي، لاڳاپيل اختيارين سان حقيقتن جي تصديق ڪرڻ تي وڌيڪ خوشي ٿ