لاڪ ڊائون جو فائدو، ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح گهٽجي وئي

ڪراچي : سنڌ حڪومت جو لاڪ ڊائون جو فيصلو درست ثابت ٿي ويو ۽ ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي اچي وئي.
صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 7 هزار 397 ٽيسٽون ڪيون ويون.
ترجمان ٻڌايو ته 1161 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 15.70 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح گهٽ ۾ گهٽ 21 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
ترجمان موجب حيدرآباد ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 17.38 سيڪڙو رهي، جڏهن ته مختلف ضلعن ۾ اها شرح 4.23 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
سنڌ ۾ مجموعي طور ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 9.39 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن ڪورونا 20 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.