سلمان خان جا جيل ۾ گذاريل ڏکيا ڏينهن

ممبئي: دبنگ سلمان خان پنهنجي جيل ۾ ڪٽيل ڏينهن جي حوالي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته اهي ڏينهن زندگي جا ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ ڏينهن هئا.
ڀارتي رپورٽن موجب بالي ووڊ جي دبنگ سلمان خان کي 1998ع ۾ سندس فلم ”هم ساٿ ساٿ هين“ جي شوٽنگ دوران ڪاري هرڻ جي شڪار واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو هو.
اداڪار ان حوالي سان ڪيترائي انٽرويو ڏنا هئا پر اڄڪلهه سندس ڏنل انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سلمان خان جيل ۾ گذاريل ڏينهن بابت بيان ڪري رهيو آهي.
سلمان خان ٻڌائي رهيو آهي ته جيل ۾ گذاريل ڏينهن تڪليف ڏيندڙ هئا پر تنهن هوندي به آرام سان گذارڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.
سندس چوڻ هو ته جيل ۾ سڀ کان وڌيڪ مونکي باٿروم وڃڻ جي پريشاني هوندي هئي جيل ۾ 9 کان 10 ڪمرا هئا ۽ هر ڪمري ۾ 9 کان 10 ماڻهو موجود هوندا هئا، صبح جو ناشتو ۽ منجهند جي ماني هڪ ئي ڇوڪرو کڻي ايندو هو.
دبنگ خان ٻڌايو ته استعمال جي لاءِ هڪ ئي ٿانوَ ڏنو ويو هو جنهن ۾ چانهه به پيئڻي هوندي هئي ۽ انکي صاف ڪري وري ماني به ان ۾ ئي کائڻي پوندي هئي نه رڳو ايترو پر ان منگهي سان وهنجڻ سميت ٻيا به ڪم ڪرڻا پوندا هئا.