”افغان فورسز جون پهريون ڪم طالبان جي اڳڀرائي روڪڻ آهي“

واشنگٽن : آمريڪا جي بچاءَ واري وزير لائڊ آسٽن چيو آهي ته افغانستان ۾ حڪومتي دستن جو پهريون ڪم طالبان عسڪريت پسندن جي اڳڀرائي رهي آهي.
اهو بيان هن آمريڪي رياست الاسڪا ۾ ملڪي فضائيا جي آئلسن ايئر بيس تي ڏنو.
سندس چوڻ هو ته افغان حڪومتي دستا اسٽريٽيجڪ حوالي سان ملڪ جي اهم حصن ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ آهن.
هن چيو ته طالبان جي ڪاهه جي رفتار ۾ گهٽتائي کانپوءِ ئي انهن جي قبضي هيٺ علائقا آزاد ڪرائڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
واضح رهي ته افغانستان ۾ تقريبن 20 سالن تائين مقرري کانپوءِ اتان آمريڪي فوج جي نڪرڻ جو عمل 31 آگسٽ تي مڪمل ٿي ويندو.