اداڪارا ڪومل عزيز پنهنجي ڪرش بابت ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي : اداڪارا ڪومل عزيز جي هڪ ويڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ڪرش بابت ٻڌائي رهي آهي.
وائرل ويڊيو ۾ اداڪارا ڪومل عزيز کان سوال ڪيو ويو ته توهان جو ڪرش ڪير آهي؟
ان جو جواب ڏيندي ڪومل چيو ته مون کي لُڪس سان گهڻو فرق ناهي پوندو پر انسان جو اخلاق ۽ شخصيت ضرور متاثر ڪندي آهي.
ويڊيو ۾ پنهنجي پسند بابت هن ٻڌايو ته منهنجو ڪرش ڪينيڊا جو وزيراعظم جسٽن ٽروڊو آهي