حيدرآباد: ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي 22 قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪن آزاد

حيدرآباد: سينٽرل جيل ۾ قائم دهشتگردي جي انت واري عدالت سن ٿاڻي تي داخل ٻن ڌار ڌار ڪيسن مان 22 قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، بري ٿيلن ۾ ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پنهور, جسقم اڳواڻ اسلم خيرپوري, نواز خان زئونر, ناز خان نوتڪاڻي ۽ ٻيا شامل آهن، ڇڇر ۽ سن پوليس 2019ع دوران سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۽ ورسي تقريبن دوران جلسا منقعد ڪرڻ تي قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي بغاوت جا ڪيس داخل ڪري دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا هئا، ڇڇر پوليس پاران داخل ڪيس نمبر 4/2019 مان 16 ۽ ڇڇر ايٽ سن پوليس پاران داخل ڪيس 1/2019 مان 6 ڄڻن ضمانت ڪرائي هئي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوه ثابت نه ٿيڻ تي ٻنهي ڪيسن مان ضمانتون ڪرائيندڙ 22 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو.