بالي ووڊ اداڪار عامر خان ۽ سندس زال ڪرن الڳ ٿي ويا

ممبئي: بالي ووڊ جو اداڪار عامر خان ۽ سندس گهرواري ڪرن رائو ۾ 15 سالن کانپوءِ طلاق ٿي وئي آهي. عامر خان ۽ ڪرن رائون ان حوالي سان ٽويٽر تي گڏيل بيان جاري ڪندي چيو ته زندگي جا 15 خوبصورت سال اسان هڪٻئي سان بهترين تجربا ونڊيا، خوشين ۽ ٽهڪن سان ڀريل اسان جي رشتي ۾ پيار، احترام ۽ ڀروسو شامل رهيو. هاڻ اسان زندگي جو ٻيو باب شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هاڻ اسان زال ۽ مڙس نه پر پر ٻارن جي مائٽ ۽ هڪٻئي لاءِ ڪٽنب وانگر هونداسين. بيان ۾ چيو ويو ته اسان عليحدگي جي باري ۾ ڪجهه وقت سوچيو ۽ هاڻ ان کي حتمي شڪل ڏيون پيا، اسين ڌار رهنداسين پر اسان پنهنجي پٽ آزاد جي گڏجي پرورش ڪنداسين