وفاقي بجيٽ 2021-22: ڀاڻ جي درآمد تي سيلز ٽيڪس 10 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز

اسلام آباد: نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڀاڻ جي درآمد تي سيلز ٽيڪس 2 کان 10 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز آهي. خام تيل جي درآمد تي زيرو ريٽنگ جي سهولت ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، ذريعن موجب قدرتي گيس تي سيلز ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته لوهه ، اسٽيل ۽ اسٽيل بارز تي زيرو ريٽنگ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي ۽ پيپر پلپ ۽ فلٽر پيپر تي به زيرو ريٽنگ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب اليڪٽرانڪ مصنوعات جي پرزن تي به زيرو ريٽنگ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي.