ندا ڊار ذهني صحت جي مسئلن ۾ مبتلا، ڪرڪيٽ کان وقفو وٺي ڇڏيو

ڪراچي : پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ندا ڊار ذهني صحت جي مسئلن جو شڪار ٿي وئي آهي،ندا ڊار ذهني صحت جي مسئلن تي ڪرڪيٽ کان وقفو ورتو ۽ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ اعلان ڪيو، ندا ڊار چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ منهنجي سڃاڻپ ۽ پيشي جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ٿيو آهي، ۽ انهن معاملن جو منهنجي ذهني صحت تي وڏو اثر پيو آهي،هوءَ چوي ٿي ته انهيءَ ڪري، مان ڪرڪيٽ کان وقفو وٺي رهي آهيان ته جيئن مان پاڻ تي ڌيان ڏئي سگهان. مان گذارش ڪريان ٿو ته منهنجي رازداري جو احترام ڪيو وڃي.

Suffering from mental health issues