ويسٽ انڊيز کي شڪست،پاڪستان سيريز کٽي ورتي

فلوريڊا : پاڪستان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. آمريڪا جي فلوريڊا جي شهر لاڊرهل ۾ کيڏيل ميچ ۾ 190 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي سگهي ۽ اهڙي طرح پاڪستان 13 رنسن سان ميچ کٽي ورتو. پاڪستان لاءِ حسن علي، حارث رئوف، صائم ايوب، سفيان مقيم ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. صائم ايوب ۽ صاحبزاده فرحان جي شاندار اڌ سينچرين جي مهرباني، قومي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون. صاحبزاده فرحان 74 ۽ صائم ايوب 66 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته حسن نواز 15 ۽ محمد حارث 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. خوشدل شاهه 11 ۽ فهيم اشرف 10 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. ويسٽ انڊيز لاءِ جيسن هولڊر، روسٽن چيس ۽ شيمار جوزف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ، پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا آمريڪا جي فلوريڊا جي شهر لاڊرهل ۾ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ 3 ميچن جي ٽي 20 سيريز جي فيصلي واري ميچ ۾ ٽاس کٽيو. ٽئين ۽ آخري ٽي 20 ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون. حارث رؤف کي قومي ٽيم ۾ شاهين آفريدي جي جاءِ تي ۽ خوشدل شاهه کي پليئنگ اليون ۾ فخر زمان جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو.

Defeated West Indies