جونيئرذوالفقار جي وڙائچ سان ملاقات،نوٽيفيڪيشن ملڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان

سکر : وڪيلن جو بدستور مک ڌرڻو ٻٻرلو ۾ جاري جڏهن سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرڻا احتجاج جاري آهن، ٻٻرلوءِ وٽ ستن ڏينهن کان جاري ڌرڻي سبب پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورا روڊ ۽ رستا مڪمل طور بند، روڊ رستن تي گاڏين جون قطارون لڳل، ڌرڻي ۾ شريڪ ڌرتي ڌڻين پاران ڪئنال منصوبو رد ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ڪراچي بار  جي سرواڻ عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته حڪومت کي چئو ته مذاق نه سمجهي، جيسيتائين ڪينال ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو، ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، سي سي آئي جا اجلاس ٿيندا رهندا آهن، اسان کي ڪينال ختم ڪرائڻا آهن،انهن پنهنجي حصي تي ڳالهه صحيح ڪندي هوندي بس اسان کي نوٽيفيڪيشن ڏيو،2  مئي جيستائين نوٽيفيڪيشن نه ڏيندو اوستائين نه وينداسين ،ڌرڻي شرڪت لاءِ جونيئر ذوالفقار ڀٽو رات جو 2 وڳي پهچي عامر نواز وڙائچ سان ملاقات ڪئي،کيس اجرڪ جو تحفو ڏنو ،هر هنڌ ساٿ ڏيڻ جو عزم جو ورجاءُ ڪيو،ميڊيا سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته اسان ڪمپرومائيز نه ڪنداسين،هنن کي ڪريڊٽ کڻڻ نه ڏينداسين،اسان لڳي ٿو حڪومت پاڻ پريشان ٿي ويا آهن عوام کي ڏسي حڪومت کي گھٻراهٽ ٿي وئي آهي ته عوام کي ڇا جواب ڏيندو،عوام هنن خلاف آهي عوام پئي چئي ته اوهان دريا جو سودو ڪيو آهي،انشاءِ الله هي منصوبو بند ٿي ويندو جيڪڏهن بند نه ٿيو ته وڏو نقصان ٿيندو،تڪراري ڪينالن خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي صوبي گير هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري آهي،ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ڪينالن جي تعمير جو نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويندو، سٽي ڪورٽ ۾ لاڪ ڊائون چوٿين ڏينهن به جاري رهيو ۽ قيدين کي پيشي لاءِ نه آندو ويو، شهري پريشان آهن ڇو ته شهر جي عدالت ۾ سوين ڪيس بغير ڪارروائي جي ملتوي ڪيا ويا آهن،ٻئي طرف، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي معاملا معمول مطابق جاري آهن.

Meeting with Jr. Zulfiqar Waraich