ڪوئيٽه: بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا.
پوليس موجب ڪوئيٽه جي علائقي مارگٽ ۾ بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چئن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي شروعاتي تصديق ٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب، سرنگهه جي ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس فورس مقرر ڪئي وئي آهي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو آهي.