گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ ڀارت کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل

نيويارڪ : گڏيل قومن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ هڪ بيان ۾ چيو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي وڌ کان وڌ صبر کان ڪم وٺن ۽ ٻئي ملڪ يقيني بڻائين ته صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي.گڏيل قومن جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هر مسئلو بامعني باهمي صلاح مشوري ذريعي پرامن طريقي سان حل ٿي سگهي ٿو ۽ ٿيڻ گهرجي.