اداڪاره جيا علي هانگ ڪانگ جي بزنس مين سان شادي ڪري ڇڏي

لاهور : اداڪاره جيا علي بزنس مين عمران ادريس سان شادي ڪري ڇڏي، گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي اداڪاره جيا علي ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ پاڪستاني بزنس مين عمران ادريس جي نڪاح جون تصويرون وائرل ٿيون، تصويرن ۾ اداڪاره کي نڪاح نامي تي صحيح ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، ميڊيا رپورٽس ۾ اداڪاره جي عمر بابت ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته هن 48سال جي عمر ۾ شادي ڪئي آهي، واضح رهي ته جيا علي پاڪستاني ڊرامن ۽ فلم انڊسٽري جي ناليواري اداڪاره آهي، هن فلمي ڪيريئر جي شروعات فلم ديواني تيري پيار سان ڪئي هئي.