ارسا هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي حصي مان وڌيڪ 3هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽائي ڇڏيو

اسلام آباد: ارسا هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سان ڪيل واعدي تي ڦري وئي، پنجند وٽان سنڌ لاءِ 8 هزار بدران 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو، ارسا هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي حصي مان وڌيڪ 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽائي ڇڏيو، سنڌ کي تربيلا مان پورو پاڻي نه ملڻ تي ارسا طرفان سنڌ کي مئي مهيني جي پهرئين هفتي ۾ منگلا مان 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، پاڻي جي کوٽ گڊو بئراج وٽ 36.5 ۽ سکر بئراج وٽ 34.1 سيڪڙو ٿي وئي، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي کوٽ 50.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ڪابل ندي جي پاڻي وهڪرن ۾ وڌيڪ 7 هزار ڪيوسڪ لاٿ اچي وئي، ڪابل ندي جو پاڻي وهڪرو 34 هزار مان گهٽجي 27 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو.