ملڪ ۾ 19 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي سڀاڻي کان ويڪسين رجسٽريشن شروع

اسلام آباد: ملڪ ۾ سڀاڻي کان 19 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳڻ لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويندو. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته صحت جي ماهرن کان منظور ٿيل ڪورونا ويڪسين لاءِ رجسٽريشن سڀاڻي کان ڪئي ويندي. ان کان اڳ ، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر 30 کان مٿي عمر وارن ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.