پنجاب: 25 کان 29 جون تائين برسات دوران 21 ڄڻا فوت

لاهور: پنجاب ۾ 25 جون کان  29 جون تائين برسات دوران 21 ڄڻا فوت جڏهن ته 57 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

طوفاني برسات سبب ليسڪو جا 220 ڪي وي جا 2 گرڊ اسٽيشن بند ٿي ويا جنهن سبب لاهور جي ڪيترن ئي علائقن جي بجلي معطل ٿي وئي آهي.

70 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن جي طوفان لاهور سميت ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي وڻ ۽  ڀتيون ڪري پيون.

الجور بندر روڊ تي بل بورڊ موٽر سائيڪل سوار خاندان تي ڪرڻ سبب مڙس فوت جڏهن ته زال ۽ پٽ زخمي ٿي پيا. داروغي والا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪٽاربند روڊ تي ڀت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

هوڏانهن شيخو پورو جي ڳوٺ خان پور ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 10 ورهين جو ٻار جڏهن ته ڪوٽ عبدالمالڪ ۾ ڀت ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو. نوشهره ورڪان ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته گوجرانوالا جي ڳوٺ نندي پور ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

فيروز والا، قصور، گوجرانوالا، ننڪانه صاحب ۽ شيخوپوره ۾ برسات ۽ طوفان سبب ڀتيون ۽ ڇتون ڪرڻ سميت ٻين واقعن ۾ 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا