سيول: ايشيائي يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان گرلز ٽيم لڳاتار چوٿين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ايشيائي يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ دوران پاڪستاني ٽيم جاپان کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتي هئي. پاڪستان گرلز نيٽ بال ٽيم 39 جي مقابلي ۾ 79 گول ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ چئنهي ڪوآٽرز ۾ برتري برقرار رکي. ايشيائي يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان ڪوريا کي به شڪست ڏئي چڪو آهي. ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري چيمپيئن شپ ۾ اها پاڪستان گرلز ٽيم جي لڳاتار چوٿين ڪاميابي آهي، جنهن کان پوءِ هاڻ پاڪستان سڀاڻي مالديپ خلاف کيڏندو. ان کان علاوه، پاڪستان پول بي ۾ 8 پوائنٽن سان سرِفهرست آهي.