اداڪاره اشنا شاهه جي ڀيڻ مشهور اداڪار سان شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي:اداڪاره اشنا شاهه جي ڀيڻ ۽ ورسٽائل اداڪاره عصمت طاهره جي ڌيءَ ارسه عزل اداڪار ساجد سان شادي ڪري ڇڏي.
ارسه غزل فوٽوشيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ويڳي پٽ ۽ مڙس سان تصوير شيئر ڪندي مداحن کي پنهنجي شادي کان باخبر ڪيو.
تصوير ۾ ٽنهي ڄڻن کي خوشگوار موڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿو”آئون، منهنجو مڙس ساجد شاهه ۽ هينڊسم ويڳي پٽ تبريز علي شاهه سان گڏ.“
ارسه غزل پنهنجي پوسٽ ۾ مشهور ادڪاره شگفته اعجاز کي به ٽيگ ڪيو.
ياد رهي ته هي پهريون موقعو آهي جو اداڪاره پاران سندس شادي بابت ڪا پوسٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي.