ڀارتي اداڪاره ورينا حسين سوشل ميڊيا کان پري ٿي وئي

ممبئي: بالي ووڊ اسٽار عامر خان پوءِ ڀارتي اداڪاره ورينه حسين به شول ميڊيا کان دوري اختيار ڪري ورتي.
ميڊيا رپورٽ موجب ورينا حسين انسٽاگرام تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ سوشل ميڊيا کي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل عامر خان جي آخري بيان جو به حوالو ڏنو.
پنهنجي آخري پوسٽ ۾ اداڪاره لکيو ته هيءَ منهنجي آخري سوشل ميڊيا پوسٽ آهي پر منهنجي ٽيم اڪائونٽ هلائيندي رهندي ته جيئن توهان منهنجي ڪم کان باخبر رهو.