نڪ مان رت وهڻ جو سبب هوا زهريلي هجڻ واري دعويٰ کي ماهرن رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: هيٽ ويوز، هوا ۾ نمي جي مقدار گهٽ هجڻ ۽ آلوده هوائون هلڻ سبب نڪ مان رت وهڻ ۽ چپ ڦاٽڻ جي معاملي تي صحت ۽ موسميات کاتي جي ماهرن جي راءِ سامهون اچي وئي آهي.موسميات کاتي جي ماهر ڊاڪٽر ظهير بابر ٻڌايو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان هيٽ ويوز جو سلسلو جاري آهي. هوا ۾ نمي جو تناسب گهٽ هجڻ سان خشڪ ۽ آلوده هوائون هلي رهيو هيون پر ان هوائن جو سلسلو اڄ کان رڪجي ويندو.ٻارن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ابراهيم چيو ته خشڪ ۽ گرم هوا هلڻ سان نڪ جي اندروني سطح ۽ چپ خشڪ ٿي ويندا آهن نڪ خشڪ هجڻ سبب رت نڪري ايندو آهي ۽ چپ به ڦاٽي ويندا آهن نڪ مان رت وهڻ يا چپ ڦاٽڻ جو هرگز اهو مطلب ناهي ته هوا زهريلي ٿي چڪي آهي پر ان جو سبب صرف هوا ۾ نمي جو نه هجڻ ۽ گرمي ئي آهي. ڊاڪٽر ابراهيم مشورو ڏنو ته اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪريو.