آئون اڻ گهربل ڇوڪري هئس پر اڄ بهترين هدايتڪارن سان ڪم ڪريان ٿي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت جو چوڻ آهي ته آئون اڻ گهربل ڇوڪري هئس پر هاڻ بهترين هدايتڪارن سان ڪم ڪريان ٿي.
اداڪاره ڪنگنا رناوت پنهنجي بي باڪ اندز سميت مختلف معاملن پنهنجي راءِ ڏيڻ ۽ پوءِ تنقيد جي نشناني تي اچڻ جي عادي آهي هن کي اداڪاري سان گڏ خبرن ۾ رهڻ جو فن اچي ٿو، هاڻ اداڪاره هڪ فلم هدايتڪار جي هڪ ٽوئيٽ کي شيئر ڪيو جنهن ۾ اداڪاره جي تعريف ڪيل هئي.
اداڪاره چيو ته آئون هڪ اڻ گهربل ڇوڪري هئس پر اچ آئون بهترين اداڪارن، بهترين آرٽسٽ ۽ بهترين ٽيڪنيشنز سان ڪم ڪريان ٿي، مونکي منهنجي ڪم سان محبت آهي.
اداڪاره چيو ته جڏهن دنيا مونکي ڏسي چوي ٿي تون ئي ڪري سگهين ٿي ته مونکي لڳندو آهي ته آئون اڻ گهربل اولاد ضرور هئس پر منهنجي ضرورت هئي پر تمام گهڻي ضرورت هئي.