ڪلب کان ٻاهر اجي ديوگن کي مار، وڊيو وائرل

نئين دهلي: ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ صارفين جو چوڻ آهي ته اهو اجي ديوگن آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا تي نيودهلي ۾ ڪلب کان ٻاهر جهيڙي جي وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو هڪ ڄڻي کي مار ڪڍي رهيا آهن جڏهن ته سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ آهي ته اهو مار کائيندڙ ٻيو ڪو نه پر اجي ديوگن آهي.
ٻئي طرف اجي ديوگن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهلي ۾ ڪلب ٻاهران جهيڙي جون خبرون بي بنياد آهن، وڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهو اجي ديوگن جو هم شڪل ٿي سگهي ٿو باقي اجي جو ان جيهڙي سان ڪو تعلق ناهي ڇو ته اجي فلم جي شوٽنگ لاءِ گذريل 14 مهينن کان نيودهلي کان ٻاهر ويل آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوئيٽر تي هارين جي احتجاج جي معاملي تي اجي ۽ هڪ صارف وچ ۾ لفظي تڪرار ٿيو هو جنهن کانپوءِ صارف فلم جي شوٽنگ دوران اجي جي ڪار جو رستو به روڪيو هو جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي صارف کي گرفتار به ڪيو هو.