پاڪستاني اداڪاره آمنه الياس به ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي: اداڪار آمنه الياس به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.
سوشل ميڊيا تي اسٽوري شيئر ڪندي اداڪاره ۽ ماڊل آمنه الياس ٻڌايو ته هوءَ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ۽ ان جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو آهي.
هن جو چوڻ هو ته انهن سمورن ماڻهن کي گذارش ٿي ڪريان ته جيڪي هڪ هفتي اندر مونسان مليا يا منهنجي ويجهو رهيا اهي به پنهنجو ٽيسٽ ڪرائين.
هن عوام کي اپيل ڪئي ته ڪورونا وائرس مهلڪ مرض آهي، ان کان بچڻ لاءِ ڪافي گهڻو احتياط ڪيو، مڪمل طور تي ايس او پيز تي عمل کان پاسو ڪيو، ويڪسين هڻايو ۽ غير ضروري گهمڻ ڦرڻ کان پاسو ڪيو.