اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب ان سلسلي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل طرفان پيپلز پارٽي کي حمايت جو يقين ڏياريو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي وٽ سينيٽ ۾ پنهنجا 21 ووٽ آهن جڏهن ته اي اين پي ۽ بي اين پي مينگل جا سينيٽ ۾ 2-2 ميمبر آهن.
ذريعن موجب پيپلز پارٽي طرفان شيري رحمان کي اپوزيشن اڳواڻ نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ پيپلز پارٽي 25 سينيٽرز جي صحيحن واري درخواست ڪجهه ڏينهن ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ڏيندي.
واضح رهي ته اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ جي اجلاس ۾ سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جي معاملي تي(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اختلاف سامهون ايا جنهن ۾(ن) ليگ سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻن جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ تي قائم آهي.
پي ڊي ايم ۾ استعيفائن جي معاملي تي به اختلاف ظاهر ٿي چڪا آهن جنهن سبب 26 مارچ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ملتوي ڪيو ويو آهي.