نائيجيريا ۾ هٿياربندن جو قافلي مٿان حملو، اٺونجاهه ڄڻا مارجي ويا

آفريقي ملڪ نائيجيريا ۾ هٿياربند 58 شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو، حڪومت پاران ٽن ڏينهن لاءِ سوڳ جو اعلان.
عرب ميڊيا موجب هٿياربندن نائيجيريا جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ ويجهي ڳوٺ کان گذرندڙ قافلي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 58 ڄڻا مارجي ويا.
ميڊيا رپورٽس موجب قافلو مارڪيٽ کان واپس اچي رهيو هو ته حملو ڪيو ويو، جنهن علائقي ۾ گهات لڳائي ويٺل ماڻهن حملو ڪيو اهو مالي ۽ اولهه آفريقا جي ملڪ برڪينا فاسو جي سرحد ويجهو آهي جڏهن ته ان علائقي ۾ هٿياربند گروپن پاران قاتلاڻن حملن ۾ اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
حڪومتي ترجمان واقعي جي تصديق ڪندي ان تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.