ڀارت ۾ هڪ ئي ڏينهن ڪورونا جا 50 هزار نوان ڪيس

نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا جا تقريبن 50 هزار نوان ڪيس سامهون آيا آهن.
ڀارت جي صحت واري وزارت موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي تقريبن 50 هزار نون ڪيسن جي تصديق ٿي.
اهو مسلسل ڇهون ڏينهن آهي ته ان ڏکڻ ايشيائي ملڪ ۾ نون ڪورونا ڪيسن جو انگ روز جي بنياد تي 20 هزارن کان وڌيڪ رهيو.
جن علائقن ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح وڌيڪ آهي، حڪومت اتي لاڳو پابندين کي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته اها وبا ڀارت ۾ هيل تائين 11.4 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هڪ لک 59 هزار فوت پڻ ٿيا آهن.