سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضن خلاف آپريشن تيز

ڪراچي : سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضن خلاف آپريشن تيز، ڳڙهي حسن ۾ واهن ۽ شاخن جي ڪپرن تي اڏيل گهر ڊاهڻ لاءِ نوٽيس ملڻ بعد رهواسين پاڻمرادو پنهنجا گهر ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا، قادرپور ۾ ڏنگڙي واهه تي گهر ڊاهڻ دوران ڪرين جَي ٽڪر ۾ هڪ ڳوٺاڻو زخمي ٿي پيو، ڄام نواز علي ۾ دڪاندارن دلور شاخ جي ڪپرن تي اڏيل دڪان پاڻمرادو ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا. مختلف شهرن ۾ حددخلين ۽ زمينن تي قبضن خلاف  آپريشن دوران ڳوٺاڻن طرفان احتجاج ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بااثر ماڻهن جون حددخليون قائم آهن، غريبن خلاف ڪاروايون ٿي رهيون آهن.