ربيڪا خان جو پهريون گانو..پارٽي والي نائيٽ…اڄ سڄي دنيا ۾ رليز

ڪراچي: سوشل ميڊيا اسٽار ربيڪا خان جو پهريون گانو …پارٽي والي نائيٽ..اڄ اڱاي ڏينهن سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو پيو وڃي.

ان کان اڳ ربيڪا خان ان گاني جي جهلڪ سوشل ميڊيا تي رليز ڪئي ته هر پاسي ڌم مچي وئي هئي . ٻن ٽن ڏينهن ۾ ميوزڪ جي لکين ديوانن ان کي ڏٺو ۽ پسند ڪيو .

ربيڪا خان ناليواري مزاحيا فنڪار ڪاشف خان جي اڪيلي ڌيءَ آهي ۽ اها اڃا ميٽرڪ جي شاگردياڻي آهي .

سونگ ..پارٽي والي نائيٽ .جي وڊيو نهايت ئي وڻندڙ ٺاهي وئي آهي جنهن نئين نسل جون دليون کٽي ورتيون آهن .

گلوڪاره ربيڪا خان نهايت ئي مختصر عرصي ۾ سوشل ميڊيا تي اسٽار بڻجي وئي ، ٽڪ ٽاڪ تي 50 لک ، انسٽاگرام تي 10 لک کان وڌيڪ ۽ يوٽيوب تي 5 لک سبسڪرائبر ربيڪا خان کي فالو ڪن ٿا . هاڻي هن پنهنجو پهريون گانو رليزڪيو آهي، سندس والد مزاحيا فنڪار ڪاشف خان ربيڪا  خان کي ڀرپور سپورٽ ڪئي آهي