فالوورز جي جنگ ۾ عائزه هڪ دفعو ٻيهر ايمن کان اڳتي

ڪراچي: اداڪاره عائزه خان هڪ دفعو ٻيهر ايمن خان کان وڌيڪ فالوورز جو اعزاز کسي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌي وئي.
انسٽاگرام تي فالوورز جي جنگ ۾ عائزه هڪ دفعو ٻيهر ايمن خان کان اڳتي نڪري وئي، ٻنهي وچ ۾ ڪجهه وقت کان سرد جنگ جاري آهي جنهن ۾ ڪنهن وقت عائزه خان اڳيان هوندي آهي ته ڪنهن وقت ايمن خان.
پر هن ڀيري 81 لک فالوورز سان عائزه خان ايمن خان کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت ايمن خان جا 80 لک فالوورز آهن جيڪو هن ئي مهيني جو ريڪارڊ آهي.