اسان پارلياماني تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهيون: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ اسان پارلياماني تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهيون،هاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته عوامي نمائندا اهليت ۽ ميرٽ جي بنياد تي پارليامينٽ ۾ ايندا يا خريد ۽ وڪري جي ذريعي.سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز چيو ته اوپن بيلٽ جا مخالف ملڪ ۾ ڪرپٽ نظام جو تسلسل چاهين ٿا،جن جي خلاف عمران خان جنگ جو اعلان ڪيو آهي.واضح رهي ته سينيٽ جون چونڊون اوپن بيليٽ جي ذريعي ڪرڻ وارو معاملو اعليٰ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.اوپن بيليٽ جي مخالف ڌر پاران سخت مخالفت ڪندي چيو ويوآهي ته اليڪشن سڌارن جو مڪمل پئڪيج ڏنو وڃي