سجل ۽ احد جي پهرين ويب سيريز دوران شوٽنگ جي تصويرن جا چرچا

ڪراچي: گذريل سان ازدواجي زندگي سان لاڳاپجي ويل اداڪار جوڙي سجل علي ۽ احد رضا مير جي چاهنيدڙ جلد کين هڪ ويب سيريز ۾ ڏسندا.
سجل علي ۽ احد رضا مير ڪيترن ئي ڊرامن ۾ گڏ نظر اچي چڪا آهن پر هن دفعي ٻنهي کي ويب سيريز ”ڌوپ ڪي ديوار“ ۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندا.
ويب سيريز ”ڌوپ ڪي ديوار“ ڀارتي پروڊيوسر ۽ فلم ساز شائلجه ڪيجريوال پاران پروڊيوس ڪئي وئي آهي جنهن جون تازو هن سيٽ تان ورتل تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن.
ڀارتي پروڊيوسر شائلجه ڪيجريوال پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ” هي سجل علي ۽ احد رضا مير جي مداحن لاءِ آهي، ڏسو سيٽ ڪيترو ڪم ٿي رهيو آهي، هاڻ ٿورو انظار ڪيو.